اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان نئين موبائل فون خريد ڪرڻ چاهيو ٿا ته هي بهترين موقعو آهي، ڇو ته ملڪ ۾ موبائل فونز جا اگهه 20 کان 30 سيڪڙو تائين گهٽجي ويا آهن.
ذريعن موجب مقامي ڪمپنين موبائل فون جي اگهن ۾ 20 کان 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ فونز جا اگهه 3 کان 18 هزار رپين تائين گهٽجي ويا آهن.
اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ رضوان عرفان موجب درآمد ٿيل فونز جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب موبائل فونز جا اگهه گهٽيا آهن.
اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ هڪ لک واري موبائل فون 65 هزار، 64 هزارن واري موبائل فون 50 هزار ۽ 50 هزارن واري سمارٽ فون 35 کان 38 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائل فونز تي نه ته درآمد ٿيل فونز جيان ڊالر خرچ ٿيندا آهن ۽ نه ڪا ڊيوٽي ڏيڻي پوندي آهي.
هاڻ ئي مارڪيٽ پهچو، پاڪستان ۾ موبائل فونز هزارين رپيا سستيون ٿي ويون
You might also like