ميٽا جو انسٽاگرام ۽ فيسبڪ جي تصويرن کي اي آءِ جي تربيت لاءِ استعمال ڪرڻ جو انڪشاف

فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي روزانو ڪروڙين يا اربين تصويرون پوسٽ ڪيون وينديون آهن، پر ميٽا ڪمپني پنهنجي سرورز ۾ محفوظ ٿيندڙ تصويرن کي ڇا ڪندي آهي؟
اصل ۾ ميٽا طرفان انسٽاگرام ۽ فيسبڪ تي پوسٽ ٿيندڙ تصويرن کي آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جي ماڊلز کي تربيت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
اهو انڪشاف ميٽا جي چيف پراڊڪٽ آفيسر ڪرس ڪوس طرفان هڪ انٽرويو دوران ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي موجود تصويرن کي ٽيڪسٽ ٽو اميج جنريٽر ماڊل ايمو جي تربيت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
هن جو چوڻ هو ته اسان نجي مواد کي ڊيٽا ٽريننگ لاءِ استعمال ناهيون ڪندا، اسان اهڙين تصويرن کي به استعمال ناهيون ڪندا، جيڪي ماڻهن پنهنجن دوستن ڏي موڪليون هجن.
هن چيو ته ميٽا جو ٽيڪسٽ ٽو اميج ماڊل حيران حد تائين معياري تصويرون تيار ڪري سگهي ٿو، ڇو ته انسٽاگرام ۾ آرٽ فيشن، ڪلچر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تصويرون موجود آهن.
واهپيدار ميٽا اي آءِ چيٽ بوٽ يا هن جي ويبسائيٽ تي وڃي اميجن لکي تصوير تيار ڪرائي سگهن ٿا، اي آءِ ماڊلز کي ڊيٽا جي ضرورت هوندي آهي ۽ وڏيون ٽيڪنالاجي ڪمپنين طرفان انٽرنيٽ تي موجود ڊيٽا ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.