ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ مڃيو آهي ته ڪرنسي نوٽن جي اردو متن ۾ کوڙ خاميون آهن.
هاڻي استيٽ بينڪ وفاقي محتسب کي يقين ڏياريو آهي ته ڪرنسي نوٽن جي نئين سيريز ۾ غلطيون ختم ڪيون وينديون.
ان کان اڳ هڪ شهري وفاقي محتسب جي اداري کي شڪايت ڪئي ته (بینک دولتِ پاکستان حاملِ ہذا کو ادا کرے گا اور حکومتِ پاکستان کی ضمانت سے جاری ہوا) جي متن ۾ خاميون آهن، ان حوالي سان ڪتابن جو حوالو به ڏنو ويو هو.
وفاقي محتسب فيصلي جي ڪاپي اسٽيٽ بينڪ کي موڪلي، اسٽيٽ بينڪ چيو ته متن ۾ غلطيون ختم ڪيون وينديون.
2 ڏينهن اڳ وفاقي محتسب اسٽيٽ بينڪ کان خاميون ختم ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.