ڪراچي (پ ر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (اوڀر) بخت علي ڏهيو وفاقي اردو يونيورسٽي جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري سان ملاقات ڪئي ۽ يونيورسٽي ۾ گرين اينڊ ڪلين مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳايو.
پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري سندس آمد تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ يونيورسٽي کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر بخت علي ڏهيو وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اردو يونيورسٽي ۾ باغباني جي انچارج اويس عطا گرماڻي جي گرين اينڊ ڪلين مهم ساراهه جوڳي آهي ۽ وڌيڪ وڻ پوکڻ سان گدلاڻ کان بچي سگهجي ٿو.
هن چيو ته يونيورسٽي لاءِ منهنجو سهڪار ۽ خدمتون هميشه قائم جاري رهنديون.
هن وڻڪاري جي ساراهه ڪئي جنهن تي رجسٽرار ڊاڪٽر ساجد جهانگير، بخش علي ملاح ٿورا مڃيا.
ان موقعي تي ڊاڪٽر سعديه خليل، محمد افضل، اويس عطا گرماڻي، رئيس جعفري، عديل صابر، ساجد تنوير، سڪندر شاهه، معراج محمد عبدالحميد به ساڻس گڏ هئا.