فارم 47 واري حڪومت هلندي رهي ته حالتون خراب ٿينديون: عارف علوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عارف علوي چيو آهي ته مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي، ڳالهين لاءِ ڪوشش ڪندا رهنداسين، ناڪامي تڏهن ٿيندي جڏهن ناڪامي مڃيندس.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته خميس تي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي، سندس صحت بهتر ۽ موڊ سٺو هو، عمران خان ايترو مينڊيٽ وٺڻ کانپوءِ به قيد آهي.
هن چيو ته موجوده پارليامينٽ فارم 47 واري آهي، ان وٽ مينڊيٽ گهٽ آهي، هن وقت فارم 47 واري حڪومت آهي، اها هلندي رهي ته حالتون خراب ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.