عارف علوي 9 مئي واقعن ۾ ڪجهه ماڻهن جي ذميواري ته قبول ڪئي: خواجا آصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عارف علوي صاحب 9 مئي واقعن ۾ ڪجهه ماڻهن جي ذميواري ته قبول ڪئي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته فوج جيڪڏهن پنهنجي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي ته اهي لاپرواهي يا سازش ۾ ملوث هئا، فوج قاعدي ۽ قانون تحت ڪارروائي ڪئي، جيستائين سياسي جماعت جو واسطو آهي ته ان جو قائد للڪاري رهيو آهي.
هن چيو ته عارف علوي جي بقول جيڪي ماڻهو ملوث نه هئا، اهي 9 مئي بابت کليل نموني مذمت جو اظهار ڪن، جن ماڻهن ان ڏينهن ملڪيتن تي حملا ڪيا، چون پارٽي جو انهن سان ڪو واسطو ناهي، منهنجي خيال ۾ ان جو مطلب آهي ته ڪجهه ماڻهن تي ذميواري وجهي ڇڏيو، جيڪي سڌي ريت ملوث آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.