ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ڀرپور ڪوشش هوندي ته گورنر هائوس ڪنهن سازش جو حصو نه بڻجي، صوبي جي خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪيون.
ڊي آءِ خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو منهنجي ڪوشش هوندي ته صوبي لاءِ وڌ کان وڌ فنڊ وٺان، مان پنهنجي صوبي جو وڪيل بڻجڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته امن امان صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، اسان جي صوبي ۾ امن امان جو مسئلو آهي، زرعي پاڻي جو مسئلو آهي، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو به حل ڪرڻو آهي.
Prev Post
You might also like