پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا قومي ٽيم جي آئرلينڊ خلاف شڪست ۽ آءِ سي سي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ جي امڪانن تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.
پنهنجي يوٽيوب چينل تي ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجا چيو ته آئرلينڊ خلاف شڪست تي ڪوبه بهانو ناهي، رانديگرن جي باڊي لنگويج ڪمزور نظر آئي، ايتري ڪمبينيشن ٺاهي وئي آهي جنهن سان ٽيم متاثر ٿي رهي آهي.
هن ڪپتاني جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته قومي ٽيم بابر اعظم جي اڳواڻي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي هئي پر بابر اعظم کي ڪپتاني مان هٽايو ويو ۽ بعد ۾ نئين ڪپتان جي جاءِ تي ٻيهر کيس آندو ويو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ائير ۾ ٽيم ستين پوزيشن تي اچي وئي آهي.
رميز راجا سوال اٿاريا ته پاڪستان ٽيم ڪيئن کٽي سگهندي جڏهن ڪمبينيشن ئي صحيح ناهي، اوپننگ جوڙي سيٽ ناهي، سيٽ بيٽسمين پنهنجي وڪيٽون ڏئي ويهندا آهن، مڊل آرڊر به ناڪام آهي، هاڻوڪي صورتحال ۾ قومي ٽيم سيمي فائنل ۾ به پهچي وڃي ته وڏي ڳالهه آهي.