پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قومي ٽيم کي ماڊرن ڪرڪيٽ کيڏڻ جو مشورو ڏنو آهي.
ڊبلن ۾ آئرلينڊ خلاف ٻين ٽي ٽوئنٽي مئچ کان پهريان محسن نقوي پاڪستاني رانديگرن سان ملاقات ڪئي.
محسن نقوي ڊبلن ۾ قومي ٽيم جي رانديگرن سان 2 ڪلاڪ ڳالهيون ڪيون، جن ۾ ٽيم جي حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مختلف آهي ان ۾ جارحاڻي راند ڪرڻي پوندي آهي، ماڊرن ڪرڪيٽ کيڏي ٽي ٽوئنٽي مئچز کٽي سگهجن ٿا.
هن جو چوڻ هو ته قومي ٽيم جي رانديگرن مان پاڪستان قوم کي گهڻيون اميدون آهن، ٽيم کي قوم جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو، کٽڻ لاءِ ٽيم ورڪ لازمي آهي، جيڪڏهن سڀ رانديگر متحد ٿي ڪوشش ڪن ته ڪاميابي ملي سگهي ٿي.
پي سي بي چيئرمين ٻڌايو ته آئرلينڊ سان پهرين مئچ ۾ شڪست کي ڪو قبول نه پيو ڪري، اصل امتحان انگلينڊ سيريز کان ورلڊ ڪپ آهي.