لاهور: پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين هٿان مارجي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين هٿان مارجي ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب فيضان بٽ کي ڪارروائي دوران هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪرڻ لاءِ جهنگ نيو ويو، جوابدار فيضان جي نشاندهي تي جهنگ مان 2 پسٽل ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو فيضان جي 5 کان 6 ساٿين حملو ڪري ڏنو، دهشتگردن سي ٽي ڊي جي ٽيم تي سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد فيضان جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان هو، مارجي ويل ٻين 3 دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.