راولپنڊي (اسد طور+شاهد اسلم ) پاڪ فوج ۾ 3 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرلز جي عهدي ترقي ڏني وئي آهي، پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح جي ترقين ۽ مقررين جي اهم مرحلي ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري، ميجر جنرل عمر محمود بخاري ۽ ميجر جنرل عنايت حسين کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.آرمي چيف جنرل عاصم منير ترقي ماڻيندڙ ٽنهي ٿري اسٽار جنرلز جون مقرريون به ڪري ڇڏيون آهن.ليفٽيننٽ جنرل عمر بخاري کي ڪمانڊر 11 ڪور (پشاور)، ليفٽيننٽ جنرل عنايت کي چيف آف لاجسٽڪ سروسز (جي ايڇ ڪيو) ۽ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف ڊي جي آءِ ايس پي آر طور پنهنجون ذميواريون انجام ڏيندو رهندو.84 لانگ ڪورس ۾ عمر بخاري اعزازي شمشمير ۽ هنزا سان واسطو رکندڙ عنايت حسين صدارتي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو.ٿري اسٽار عهدي تي ترقي ماڻيندڙ اهي ٻئي آفيسر جي ايڇ ڪيو ۾ وائس چيف آف جنرل اسٽاف ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا هئا.ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙ احمد شريف چوڌري ڊي جي آءِ ايس پي آر آهي ۽ هاڻ به ان ئي پوزيشن تي برقرار رهندو،جڏهن ته پشاور ۾ اڳ ۾ ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ڪور ڪمانڊر طور مقرر هو جنهن جي هاڻي بدلي ڪئي وئي آهي، هو آگسٽ 2022ع کان خدمتون انجام ڏئي رهيو هو ۽ نومبر ۾ هن جي رٽائرمينٽ ٿيڻي آهي، ڪنهن به پوسٽنگ جو مدو عام طور تي ٻه سال هوندو آهي، تنهن ڪري جنرل حسن اظهر حيات جي رٽائرمينٽ کان ڪجهه مهينا اڳ بدلي حيران ڪندڙ آهي، تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اليون ڪور جي ڪمان ۾ تبديلي جو تعلق افغانستان جي سرحد سان لاڳاپيل علائقن ۾ سيڪيورٽي جي بگڙجندڙ صورتحال سان ٿي سگهي ٿو،ڊان اخبار موجب نئين ڪور ڪمانڊر پشاور جي مقرري خيبرپختونخوا جي پي ٽي آءِ حڪومت ۽ اتي فوجي قيادت وچ ۾ لاڳاپن جي نوعيت تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي،ان مقرري ۾ پي ٽي آءِ لاءِ اهم پيغام آهي،عمر بخاري وائيس چيف آف جنرل اسٽاف جي ايڇ ڪيو ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ رهي چڪو آهي،جڏهن هو ڊي جي رينجرز سنڌ هو ان وقت رينجرز ڪراچي ۾ هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ مريم نواز جي ڪمري جو دروازو ٽوڙي ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪيو هو، ان کان علاوه هڪ ٻي اهم مقرري ٿي جنهن ۾ چيف آف لاجسٽڪ اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل نعمان ذڪريا کي ڪجهه ڏينهن اڳ منگلا جو ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو ،ليفٽيننٽ جنرل ايمن بلال صفدر پاران غيرواضح سببن جي ڪري وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ اهو عهدو خالي هو،ليفٽيننٽ جنرل نعمان ذڪريا آرمي چيف جنرل عاصم منير جي انتهائي ويجهو آهي،هن کي منگلا جي ڪور ڪمانڊ ڪرڻ جو مطلب ته هو نومبر 2025ع ۾ فور اسٽار جنرل جي ريس ۾ اچي ويندو،جيڪڏهن آرمي چيف کي ملازمت مدي ۾ واڌ ملي ٿي ته پوءِ به جنرل نعمان ذڪريا چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي لاءِ اهل هوندو، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل عنايت حسين کي چيف آف لاجسٽڪ اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي، هو جڏهن پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ٿيو هو ته ان وقت برگيڊيئر هو،ڪمانڊر 102 برگيڊ هو،اي پي ايس سانحي جي جاچ ۾ هن کي به منهن ڏيڻو پيو ۽ کيس ڪلين چٽ ڏني وئي،جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ترقي واري معاملي تي پي ٽي آءِ کي خوشي نه ٿيندي،