سنڌ دوست ڌرين کي گڏجي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻي پوندي

حيدرآباد(رپورٽر) ساڃاهه وند ڌرين چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرايو ويو ته ٻٻرلو باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو نياڻي جي بازيابيءَ تائين جاري رهندو. ڪالهه  حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابيءَ جي سلسلي ۾ مشتاق سرڪي پاران سياسي سماجي ڌرين جي مشاورتي ويهڪ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، جسقم جي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، سنڌ صوفي فورم جي صدر ڊاڪٽر بدر چنا، سماجي اڳواڻ ڪاشف صديقي، ايڊووڪيٽ ستارسرڪي، درگاوتي راجپوت، ايڊووڪيٽ رميش ڪمار گپتا، خالد حسين شر، شام خان سنڌي، عبدالحڪيم چانڊيو، واحد ڪانڌڙو، درياءَ خان پيرزادي، ايس يو پي اڳواڻ عبدالغفارچانڊيو، مشتاق سرڪي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي سڀني سنڌ دوست ڌرين کي گڏجي معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻي پوندي. هنن چيو ته اها ته سڄي سنڌ کي خبر آهي ته پريا ڪماري کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي، پريا ڪماري سنڌ جي حڪمران جماعت جي ماڻهن وٽ قيد آهي، پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻو آهي ته سنڌ حڪومت تي عوامي دٻاءَ وڌائڻو پوندو، حڪومت عوام جي آڏو گوڏا کوڙيندي ۽ پريا ڪماري ان ڏينهن بازياب ٿيندي، ان لاءِ ضروري آهي ته فيصلائتي جدوجهد ڪجي، ٻٻرلو تي ڌرڻو هنيو وڃي جيڪو نياڻي جي بازيابي تائين جاري رهڻ گهرجي. هنن چيو ته سنڌ اندر مسلسل جبر ۽ ڏاڍ وارو ماحول رهيو آهي، سنڌ حڪومت ڌاڙيلن سان ساٿاري هجڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جاچ ڪميٽي جا ميمبر چون ٿا ته پريا جيئري آهي ۽ جلد بازياب ڪرائي ويندي، ان جو مطلب اهو ئي آهي ته پوليس کي سڀ خبر آهي پر حڪمران جماعت دٻاءَ جي ڪري پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ ڪو ڪردار ادا نٿي ڪري. سنڌ ۾ پوليس آفيسر حڪمران جماعت جي پروگرامن ۾ ماڻهن کي چانهه پيش ڪندي ڏٺا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.