ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن مقتول نوجوانن جي وارثن جو ڌرڻو،پوليس تي قتل ڪرڻ جو الزام

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:  ممتازسنڌي)ڪرمپور ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان 15 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل بجاراڻي برادري جي ٻن نوجوانن غلام حيدر بجاراڻي ۽ عبدالرشيد بجاراڻي جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي ڪرمپور لاڙي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو ، قتل ٿي ويل ٻنهي نوجوانن جي وارثن احسان ، مولا بخش ،ڪريم خان بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جا ٻئي نوجوان گهر واپس اچي رهيا هئا ته ايس ايڇ او ناپرڪوٽ طارق عباس سولنگي ، ۽ ان جي ٽيم  ٻنهي نوجوانن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، انهن جو چوڻ آهي ته  بيگناھ قتل ٿي ويل نوجوانن جو ڪيس ايس ايڇ او ناپرڪوٽ طارق عباس سولنگي مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.