جناح اسپتال ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي سيٽن ۾واڌ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جي  بجيٽ ۾ واڌ ڪئي ويندي. جي پي ايم سي هاڻي 2200 بسترن جي سهولت جي فراهمي سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پوسٽ گريجوئيٽ (پي جيز) جي سيٽن کي وڌائڻ وارو آهي. اها ڳالهه وڏي وزير جي پي ايم سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪئي. وڌي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول چيو ته جي پي ايم سي وٽ 1600 بيڊ هئا ۽ هاڻ هن اسپتال ۾ 2200 بيڊ آهن پر ان ۾ ڊاڪٽرن جي شديد کوٽ آهي. وڏي وزير ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ 200 پوسٽ گريجوئيٽ (پي جيز) جي اضافي جاين/ سيٽن جي منظوري ڏني. جناح اسپتال ۾ 200 پي جيز جي سيٽن جي منظوري کان پوءِ انگ وڌي 953 تي پهچي ويندو. مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته جي پي ايم سي ۾ دوائن لاءِ سينٽرل گودام قائم ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ صوبائي حڪومت اي ڊي پي ۾ اضافي فنڊ فراهم ڪندي. تمام جلد جي پي ايم سي جو  هڪ مرڪزي گودام هوندو. پروفيسر شاهد رسول وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته پارڪنگ پلازا ٺاهڻ ۾ جي پي ايم سي جي مدد ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان ڪافي جاءِ موجود آهي. وڏي وزير درخواست منظور ڪندي چيو ته انهن اسڪيمن کي اي ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويندو. وڏي وزير جي پي ايم سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته بهتر خدمتون فراهم ڪيون وڃن ۽ او پي ڊي کي وڌايو وڃي ته جيئن مريضن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن جي پي ايم سي جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ جي واڌائڻ جي پڻ منظوري ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.