آئرلينڊ ۽ انگلينڊ کان سيريز کٽي ورلڊ ڪپ ۾ سٺو کيڏنداسين:افتخار احمد

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر افتخار احمد چيو آهي ته اسان پنهنجي صلاحيتن جي حسان سان پرفارمنس نه ڏئي سگهيا آهيون.
آئرلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ هار جي حوالي سان افتخار احمد چيو ته منهنجي جڏهن بيٽنگ آئي ته اسڪور جي ضرورت هئي، پرفارمنس ذريعي ئي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو آهي.
افتخار احمد چيو ته مون بيٽنگ سٺي ڪئي انڪري منهنجي اعتماد ۾ اضافو ٿيو، فيلڊنگ ۾ ڪيچ ڊراپ ٿڪيا ۽ بائونڊريون به ڇڏائجي ويون.
هن ٻڌايو ته اڃا 2 مئچون بقايا آهن. پاڪستان ڪم بيڪ ڪري وٺندو، ورلڊ ڪپ تائين پرفارمنس ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
پاڪستاني مڊل آرڊر بيٽر وڌيڪ چيو ته انگلينڊ ۽ آئرلينڊ خلاف سيريز کٽي ورلڊ ڪپ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.