گهڻي گرمي سبب ٿڪاوٽ ان وقت ٿيندي آهي جڏهن جسم گرم ٿي ويندو آهي ۽ پاڻ کي ٿڌو ناهي ڪري سگهندو، اهو عام طور تي گرم موسم ۾ جسماني سرگرمي جي نتيجي ۾ ٿيندو آهي. ان جي ڪري چڪر ايندا آهن، پاڻي پيئڻ ۽ ٿڌي جاءِ تي ويهڻ سان آرام محسوس ٿيندو آهي پر وقت سر علاج نه ڪرڻ جي ڪري اهو هيٽ اسٽورڪ بڻجي ويندو آهي ۽ اهو موتمار حالت به اختيار ڪري سگهي ٿو.