اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ غير ذميواراڻي بيانن تي شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
شير افضل مروت کي پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيس موجب شير افضل مروت اهڙا بيان ڏنا آهن، جنهن سان پارٽي جي ساک کي نقصان پهتو آهي.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته شير افضل مروت 3 ڏينهن ۾ لکت وضاحت ڏئي ته سندس خلاف ايڪشن ڇو نه ورتو وڃي؟ جيڪڏهن جواب نه ڏنو ويو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.
شوڪاز نوٽيس پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب طرفان جاري ڪيو ويو آهي.
You might also like