پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي هڪٻئي خلاف سخت لفظ استعمال ڪيا آهن.
فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان ڪڏهن به گورنر راڄ نه لڳائيندس، علي امين گنڊاپور گورنر هائوس تي قبضي جي ڳالهه ڪئي، گنڊاپور کي چئلينج آهي اچي قبضو ڪري ڏيکاري، مان توهان کي روڊن تي گهليندس.
هن وڌيڪ چيو توهان پنهنجي باني کي جيل مان ته نٿا ڪڍي سگهو پر جيڪڏهن قانون ٽوڙيو ته توهان کي به جيل وڃڻو پوندو، جيڪو آئين کي نٿو مڃي ان سان ڳالهيون نه ٿينديون، جيڪي چون ٿا معافي نه گهرنداسين انهن کي معافي گهرڻي پوندي.
هوڏانهن علي امين گنڊاپور چيو ته پنهنجي حد ۾ رهو، توهان جو سياست سان ڪو واسطو ناهي، توهان جي حيثيت هڪ ليٽر جي آهي مينڊيٽ جي ناهي.
هن چيو ته تميز جي دائري ۾ رهو نه ته فيول به بند ڪري ڇڏيندس، توهان جون گاڏيون به منهنجي ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ جون آهن، سڀ بند ڪري ڇڏيندس، مون کي مجبور نه ڪيو ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکو.
سندس چوڻ هو ته هيءَ سياسي جنگ آهي ۽ توهان سياستدان ناهيو، توهان سياست مان فارغ ٿي چڪا آهيون، عهدي جو لحاظ ڪيو،
You might also like