فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب چيو آهي ته جيڪي معافي جو چئي رهيا آهن اهي اسان کان معافي وٺن.
فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته اسان تي ڪوڙا ڪيس آهن، اسان معافي ڇو گهرون؟ اسان جا نوجوان شهيد ٿيا، ان جي معافي ڪير گهرندو؟ جيڪي معافي جو چئي رهيا آهن اهي اسان کان معافي وٺن.
هن چيو ته شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ باني في الحال شير افضل مروت کان قومي اسيمبلي سيٽ تان استعيفيٰ وٺڻ جو ناهي چيو، شوڪاز کانپوءِ پارٽي جي سياسي ڪميٽي فيصلو ڪندي.
Prev Post
You might also like