ننڍي عمر ۾ ڇوڪرين جي شادي تي لاهور هاءِ ڪورٽ وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي نڪاح جي معاملي ۾ عدالت نڪاح رجسٽرار خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انوار الحق عورت عظمت بي بي جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت چيو ته هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جون شاديون روڪڻ جي حوالي سان واضح حڪم جاري ڪيا آهن، نڪاح وقت رجسٽرار، نڪاح پڙهائيندڙ ۽ شاهدن وٽ ڪنوار جي عمر بابت دستاويز ضروري آهن.
لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته عدالتي حڪم باوجود ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرايون پيون وڃن، ظاهري طور نڪاح رجسٽرار ۽ نڪاح پڙهائيندڙ عدالتي هدايتن جي پيروي نه پيا ڪن، لاڳاپيل ادارا اهڙي نڪاح رجسٽرار ۽ نڪاح پڙهائيندڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪن.
واضح رهي ته عظمت بي بي پنهنجي 14 ورهين جي ڌيءَ جي آزادي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.