اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو پاڪستان دورو دير جو شڪار ٿي ويو.
حڪومتي ذريعن موجب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻو هو، دوري جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو هو پر ويجهي تاريخ جو اعلان ٿيڻ وارو هو.
پر هاڻ حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو دورو فوري طور تي نه ٿيندو.
ذريعن موجب جڏهن دورو ٿيندو ته حتمي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو، شيڊيول طئي ٿيڻ تي ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.
واضح رهي ته سعودي ولي عهد وزيراعظم کي پاڪستان دوري جي خاطري ڪرائي هئي.
You might also like