راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج ۾ 3 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرلز جي عهدي ترقي ڏني وئي آهي.
پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح جي ترقين ۽ مقررين جي اهم مرحلي ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري، ميجر جنرل عمر محمود بخاري ۽ ميجر جنرل عنايت حسين کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.
آرمي چيف جنرل عاصم منير ترقي ماڻيندڙ ٽنهي ٿري اسٽار جنرلز جون مقرريون به ڪري ڇڏيون آهن.
ليفٽيننٽ جنرل عمر بخاري کي ڪمانڊر 11 ڪور (پشاور)، ليفٽيننٽ جنرل عنايت کي چيف آف لاجسٽڪ سروسز (جي ايڇ ڪيو) ۽ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف ڊي جي آءِ ايس پي آر طور پنهنجون ذميواريون انجام ڏيندو رهندو.
84 لانگ ڪورس ۾ عمر محمود بخاري اعزازي شمشمير ۽ هنزا سان واسطو رکندڙ عنايت حسين صدارتي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو.
ٿري اسٽار عهدي تي ترقي ماڻيندڙ اهي ٻئي آفيسر جي ايڇ ڪيو ۾ وائس چيف آف جنرل اسٽاف ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا هئا.
ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙ احمد شريف چوڌري ڊي جي آءِ ايس پي آر آهي ۽ هاڻ به ان ئي پوزيشن تي برقرار رهندو.
پر ان حوالي سان آءِ ايس پي آر بيان جاري ناهي ڪيو.
You might also like