سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪاليج ۽ ٻي زمين تي قبضا جلد هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي اوڀر ( ن ع آ ) ڪراچي سچل ڳوٺ جي شاھنواز شر واري علائقي جي پبلڪ پارڪ، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، بينظير ڀٽو وومين ڊولپميمٽ ڪامپليڪس جي پلاٽ تي ٿيل قبضي خلاف رھواسين مبارڪ اڄڻ شھاب الدين صديقي ۽ ٻين پاران داخل ڪرايل پٽيشن جي ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد شفيع صديقي تي ٻڌل ڊبل بينچ پاران ڪيس جو فيصلو ڏيندي گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج، پبلڪ پارڪ ۽ شهيد بينظير ڀٽو وومين ڊولپمينٽ ڪامپليڪس تان فوري طور تي قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، عدالت گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۽ پبلڪ پارڪ تان منع نامي وارو حڪم نامو بـه ختم ڪري ڇڏيو آھي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته هي عوامي ڀلائي جا منصوبا آهن ڪنهن کي به قبضا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، عدالت ڊپٽي ڪمشنر ، ايس ايس پي اوڀر ۽ ٻين واسطيدار ادارن کي عمل درآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، عدالت طرفان پنھنجي حڪم ۾ پبلڪ پارڪ ، گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۽ بينظير ڀٽو وومين ڊولپمنٽ ڪامپليڪس تعمير ڪرڻ جي پڻ هدايت جاري ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.