توھان چاھي اتفاق ڪريو يا اختلاف. راج ڪپور کان پوءِ ھن وقت پدم شري سنجي ليلا ڀنسالي هندي فلم انڊسٽري جو سڀ کان نمايان شو مين آهي. هر شيءِ کي مبالغي جھڙي وڌاءُ جي حد تائين گرينڊ اسڪيل تي ٺاهئڻ سندس شوق ۽ سڃاڻپ آهي. هن جي پهرين ۽ آخري ترجيح اها آهي ته پردي تي ھر ھر فريم ڪيترو پرشڪوا لڳندو ۽ ڪھڙن ڪھڙن وڏن ستارن کي گڏ ڪري خالص ڪمرشل انٽرٽينمينٽ تخليق ڪرڻي آھي. (مون انٽرٽينمينٽ لکيو آھي انفوٽينمينٽ نھ )
اسڪرپٽ ۾ مڪالماتي مصالحو تکو ھئڻ گهرجي.موسيقي جو وگھار سراسري فلم کان وڌيڪ هجي.فلمي ڪيڪ تي حسن،شاعري، تجسس، چست جملا ۽ ھوش اڏائيندڙ ڪاسٽيوم واڌو ڪريم ھجي تھ ڇا ڳالھھ آھي.
پروٽين ۽ سڻڀ سان لبالب اھڙي انٽرٽينيمنٽ جو مقصد زندگيءَ سان جھيڙيندي جھيڙيندي ٿڪل ٽٽل ناظرين کي حقيقت جي ٻرندڙ اُس کان ڪجهه دير لاءِ بچائي ڪري،هڪ متبادل افسانوي جادوئي دنيا ڏانهن سفر ڪرائڻو آھي ۽ بس.
هاڻي هن کيل ۾ مڃيل حقيقت ۽ تاريخ جي صحت جو بحث ڪٿان اچي ويو؟ جنهن شيءِ جو وجود ئي نه هجي ان تي تنقيد ڪھڙي ؟ پر ماڻهو ايترا ته سادا ۽ مٺا آهن جو اھي ڪنهن به تخليق مان غير مشروط لطف وٺڻ بدران ان ۾ مان اھڙا اھڙا جزا ڳولڻ لڳي وڃن ٿا، جنھن جو ڪهاڻيءَ سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناھي ۽ جڏهن اهي اجزا نٿا ملن ته پوءِ البرٽ پنٽو کي ڪاوڙجي اچي ويندي آھي.
انھيءَ تناظر ۾ سنجي ليلا ڀنسالي پراڻو پاپي آهي. جيئن سال 2013ع ۾، شيڪسپيئر جي ڊرامي روميو اينڊ جوليٽ کي جڏھن ھن رام ليلا جي نالي سان فلمايو هو ته، اڌم مچي ويو، ته فلم ۾ تھ رام جي، پري پري تائين نھ آھي، ته پوءِ رام ليلا نالي جي ڪھڙي تُڪ آهي؟ اھو تھ ڌرم جي توهين آهي.
دهلي ۽ الهه آباد هاءِ ڪورٽن اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيا.بھرحال فلم جو نالو بدلائي ”گولين ڪي راس، ليلا رام ليلا‘“ رکڻو پيو. تڏھن وڃي نمائش جي اجازت ملي ۽ 2013 ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪمائي (200 ڪروڙ) ڪندڙ پنجين هندي فلم بڻجي وئي.
سال 2015ع ۾ مراٺا حڪمران پيشوا باجي رائو ۽ مستاني جي ڪهاڻي تي وري بقول شخصي، ’بول مچ گيا‘. باجي رائو جي وارثن تاريخ کي ٽوڙڻ مروڙڻ ۽ تخليقي آزادي جي پردي ۾ وڌاءُ ڪرڻ کان ڪم وٺڻ،جي الزام ۾ ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.پر عدالت ان کي رد ڪري ڇڏيو. ميان ڀنسالي ان فلم سان 100 ڪروڙ ڪلب جي بهترين ڊائريڪٽر جو نيشنل فلم ايوارڊ جيب ۾ وجھي اڳتي نڪري ويو.
سڀ جديد تاريخدان ڄاڻن ٿا ته پدماوتي نالي جي اجپوت راڻي هڪ افسانوي ڪردار آهي جيڪو ملڪ محمد جائيسي سورهين صديءَ ۾ راڻي پدماوتي جي نالي سان تخليق ڪيو ھو. هو. پر ڪجهه راجپوتن ان بي عزتي جي بدلي طور تباهي لاءِ پنهنجون تلوارون ڪڍي ورتيون ھيون.
راجسٿان ۾ شوٽنگ دوران، سنجي ليلا ڀنسالي ۽ سندس ان جي فلمي يونٽ کي راجپوت ڪرني سينا جي سورمائن خاصي ڦيھھ ڏني ھئي. ٻھ ڀيرا سيٽ کي باهه بھ لڳي وئي ۽ ڪهاڻي جي هيروئن دپيڪا پڊوڪون جي سر جي قيمت بھ لڳي وئي.پدماوت رليز ٿي تھ 2018 جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ هندي فلم بڻجي وئي.
جڏھن حسين زيدي’مافيا ڪوئن آف بمبئي‘ ڪتاب لکيو ته واهه واهه ٿي وئي. پر ڀنسالي ان ڪتاب کان متاثر ٿي سنھ 2022ع ۾ گنگو ٻائي ڪاٺياواڙ رليز ڪئي، تڏهن به ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن اعتراض ڪيو ته اها ڪوماٺي پورا (بمبئي جو ريڊ لائٽ ايريا) تھ ناھي ڏيکاريو ويو، جيڪو ڪتاب ۾آهي.تڏھن بھ اھا فلم يارنهن فلم فيئر ايوارڊ کڻي وئي.
نيٽ فليڪس جي ’هيرا منڊي‘ تي ڪيترائي اعتراض ٿيا. پهريون ڀيرو، منهنجي ڪيترن ئي لاهوري دوستن کي پنھنجي ھيرامنڊي جي سڃاڻپ ”مسخ“ ٿيڻ جي ڳڻتي بھ آھي. هر قسم جي دوربين ۽ خووردبين نڪري آئي. ڪجهه تبصرا تھ ايترا ڏکوئيندڙ آهن، ڄڻ ڀنسالي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان ٻه ارب رپين جو قرض کڻي هن ”غيرمستند“ فلم تي ضايع ڪري ڇڏيو آھي.ڪجهھ پيارا دوست ٽڪسالي گيٽ، ٽبي گلي، شورش ڪاشميري جي ”اس بازار ۾“ فوزيه سعيد جي ٽيبو: ريڊ لائيٽ ايريا داستان ۽ اقبال حسين جي مصور ڪيل موٽي بھدي مظلوم، ڪردارڻين جي ٽيلي اسڪوپ سان نيٽ فليڪس جي ھيرامنڊي ڏسي رھيا آھن.
سوشل ميڊيا تي، ”ھيرامنڊي ھوندي سي ساڊي ويھلي “ لاءِ ناسٽلجيا وارا ڪجهھ ”ڏکاريا“ مٿين خانن مان جھاتي پائيندڙ عورتن جي پراڻي بيلڪ اينڊ وائيٽ تصويرن جي ذريعي نيٽ فليڪس جي توجھ پنھنجي ليکي ”اسان جي اصلي ورثي“ ڏانھن ڇڪائي رھيا آھن.پر جنهن مارڪيٽ لاءِ ڀنسالي هڪ ئي فلم کي اٺن ٽوٽن ۾ورهائي پيش ڪيو . ان مارڪيٽ جو ماڻھو ”جيڪو آھي جتي آھي“ جي بنياد ’انجوائيز‘ وٺي رهيا آهن.
ڏوھ اسان جو بھ ناهي. اسان کي تاريخ جي افسانو بڻائي ڪري ۽ افسانو تاريخ جي پوشاڪ ۾ ايتري مقدار ۾ پياريو ويو آھي جو اصل ۽ نقل کي جدا جدا ڏسڻ ڏکيو ٿي ويو آھي.تنھنڪري اسين ڪنھن بھ تخليق جي چشڪي وٺڻ کان قاصر ٿيندا پيا وڃن.
اڄ به ڪيترن ئي ٻارن لاءِ اها صدمي واري خبر آهي ته سڪندر اعظم مسلمان نه هو.جنھن انارڪلي، شھزادي سليم ۽ مهابلي کي اسان ۽ توھان سڃاڻون ٿا، اھي امتياز علي تاج جي ذھن جي پيداوار آهن. اڪبر ۽ شهزادو سليم فارسي بان هئا.ايتري مسجع مقفع اردو ٻڌي ھا تھ تاج صاحب سان گڏ آصف ۽ دليپ ڪمار کي بھ هاٿي جي پيرن هيٺان رکي ڇڏي ها. پر اسان سنجي ليلا ڀنسالي کي اهڙي رعايت ڏيڻ لاءِ بلڪل به تيار نه آهيون ۽ اهو به کوجڻ کرچڻ معلوم لاءِ تيار نه آهيون ته پنجاب سول سيڪريٽريٽ جي علائقي انار ڪالي جي مقبري ۾ ڪير آرامي آهي.
جيتوڻيڪ حقيقي هيرا منڊي ۾اڄ توهان کي کنڊرات ۽ ويراني کائيندي.عام دڪان، گودام، ھٿ جي ھنرن جا ننڊا ننڊا ڪم گھر ۽ ھڪ اڌ،طبلي يا سارنگي مرمت ڪرڻ وارو ڪاريگر ملندو. بادشاهي مسجد ڏانھن کلندڙ گھڻ ماڙ ڪوٺن ۾ ڪجھھ ريسٽورانٽس کلي ويون آھن ۽ سٺو ڪاروبار ڪري رهيون آهن.
جيڪڏھن اتي اڄ بھ ڪو ھڪ اڌ گل ۽ گجرا وڪڻڻ وارو، تازن نوٽن جون ٿپيون وڪڻڻ وارو، نائيڪھ،غزل ۽ ٺمري جو ڪو مشهور گائيڪ يا گائيڪھ ڊھولچي، چرٻ زبان دلال، ميوزيشن،نجيب الطرفين ڪڃر، اصلي نسلي مراٺي ۽ ڪلاسيڪل پينو ملي تھ سنجي ليلا ڀنسالي کي به آگاھ ڪري ڇڏجو.
اسان خود پنهنجي هٿن سان، تاريخ جا روشندان، زميني حقيقتون ۽ حقيقي ڪردار مسخ ڪري ڇڏيا. ان کانپوءِ تاريخ غلط پيش ڪئي پئي وڃي يا درست ۽ ڪير ڪهڙي ڪهاڻي سان ڪھڙو کيڏاوڙ ڪري رهيو آهي؟ ڪھڙو فرق پوي ٿو.