ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ضلعي گھوٽڪي ۾ گذريل ڇھن سالن کان ھلندڙ گھوٽا برادري ۽ ڀيري برادري جي ٻن ڌرين وچ پراڻي خوني تڪرار جو نبيرو غوثپور ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ سندراڻي ھائوس تي ٿي گذريو. ٻنھي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو علائقي جي پ پ ايم پي اي مير غلام عابد خان سندراڻي، سيد محمد شاھه جيلاني، سيد بشير احمد شاھه جيلاني، ڄام صالح، ملان وحڏنو ڀيري، غلام مصطفيٰ ابڙو ۽ سردار علي نواز گھوٽو جي سرپئنچي ھيٺ نبيرو دڙي سندراڻي ۾ ٿيو. ٻنھي ڌرين جا لاڳاپيل ڪيترائي ماڻھو قافلن جي صورت ۾ ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ صبح ڏھين بجي کان پھچڻ شروع ٿي ويا، نبيري ۾ سرپئنچن طرفان ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ کانپوءِ فتويٰ جاري ڪندي چيو ويو ته جھيڙي دوران گھوٽا برادري جا 4 قتل ڀيري برادري مٿان ۽ ڀيري برادري جا 6 قتل گھوٽا برادري مٿان ثابت ٿيڻ تي مجموئي طور مٿن اڍائي ڪروڙ ڏنڊ وڌو ويو، في خون جي بھا 20 لک رپيا رکي وئي، ڏنڊ جي مجموعي رقم ۾ زخمين کي به شامل ڪيو ويو، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ۽ مٺايون ورھايون ويون.