گوادر ۾ دهشت گردي، پنجاب سان تعلق رکندڙ ننڊ ستل 7 پورهيت گولين جو کاڄ

گوادر (م ڊ) گوادر جي علائقي سربندر ۾ 7 ڄڻن کي پنهنجي ڪوارٽر ۾ سمهڻ دوران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. گوادر پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او محسن علي موجب گوادر فش هاربر ڀرسان رهائشي ڪوارٽر تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. محسن علي موجب مارجي ويل ۽ زخمي ماڻهو سربندر ۾ حجام جي دڪان تي ڪم ڪندا  هئا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي گوادر اسپتال منتقل ڪيو ويو. گوادر پوليس جي ايس ايڇ او موجب مارجي ويل ۽ زخمين جو تعلق پنجاب جي ضلعي خانيوال سان آهي. هوڏانهن بلوچستان حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گوادر ۾ مزدورن جو قتل کليل دهشتگردي آهي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان چيو ته مزدورن جي وارثن سان رابطو ڪيو پيو وڃي. بلوچستان جي گهرو وزير ضياءَ لانگو گوادر ۾ افسوسناڪ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته پورهيتن جو قتل بزدليءَ وارو عمل آهي، دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ شرپسندن گوادر ايئرپورٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي سڪيورٽي اهلڪارن ناڪام بڻائي ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.