ڪراچي/پشاور/اسلام آباد/راولپنڊي(رپورٽر/ م ڊ) پي ٽي آءِ پاران 9 مئي تي احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش دوران ملڪ جي مختلف شهرن مان پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ويو آهي. سيالڪوٽ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ ريحانه ڊار کي گرفتار ڪري ورتو. پي ٽي آءِ پاران شهيد ڪارڪنن لاءِ جناح هائوس ۾ دعائيه تقريب ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ شرڪت کان لاءِ ريحانه ڊار گهر کان ٻاهر وڃڻ واري هئي ته ليڊي پوليس کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ريحانه ڊار سان گڏ سندس ننهن روبا عمر ڊار ۽ ٻين عورت ڪارڪنن کي به حراست ۾ ورتو ويو. ٻئي طرف جناح هائوس جي چوڌاري پوليس جي وڏي نفري موجود آهي. سيالڪوٽ پوليس کين گرفتار ڪرڻ بعد گهر واپس موڪلي ڇڏيو. ريحانه ڊار چيو ته 7 عورتون ۽ ڪيترائي ڪارڪن اڃا تائين پوليس جي حراست ۾ آهن. راولپنڊي ۾ پوليس به پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار رياض کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ريلي ڪڍي. پي آءِ بي ڪالوني ۾ پوليس احتجاج کي روڪي پي ٽي آءِ اڳواڻ جمال صديقي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ذريعن موجب ڪراچي مان ڪل ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته عورتن کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس عورتن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. راولپنڊي مان پي ٽي آءِ اڳواڻ سيمبيا طاهر کي ڪيترين ئي عورتن سميت گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ سيمبيا طاهر کي راول روڊ ۽ ٻين عورتن کي وومين پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو. اهي نه اطلاع آهن ته پوليس پي ٽي آءِ سربراهه بئرسٽر گوهر کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس اسلام آباد ۾ ريلي دوران پوليس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڪارڪنن ناڪام بڻائي ڇڏيو. ٻئي طرف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين تي بئريسٽر گوهر چيو ته 9 مئي جي حوالي سان سڄي پاڪستان ۾ عوام پرامن روڊن تي نڪري آيو پر پوليس ڪيترن ئي اڳواڻن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته عمران خان ۽ سموري قيادت 9 مئي جي مذمت ڪئي آهي. هن 6 مارچ تي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي موقف جي به حمايت ڪئي. ان جي باوجود هر طرف کان اهو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ريلين مان غير قانوني گرفتاريون ڪيون ويون. بئريسٽر گوهر چيو ته شير افضل مروت بابت عمران خان جو جيڪو به فيصلو آهي اهو حتمي آهي، پر جيڪڏهن عمر ايوب ڪو بيان ڏنو آهي ته اهو ئي حتمي فيصلو هوندو، پارٽي جي پاليسي ۽ نظم ۽ ضبط برقرار رکڻو پوندو. ٻئي طرف مالاڪنڊ ۾ تحريڪ انصاف جي بٽڪيلا ۽ درگئي ۾ ريليون مالاڪنڊ ۾ تحريڪ انصاف پاران بٽ خيلا ۽ درگئي ۾ ريليون ڪڍيون ويون جڏهن ته راولپنڊي سميت مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا ويا.