لاهور (پ ر) هارين ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جو مناسب اگهه نه ڏيڻ ۽ ڪڻڪ جي موجوده بحران متعلق پاڪستان ڪسان رابطه ڪميٽي طرفان لاهور پريس ڪلب ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هارين ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي طرفان 21 مئي تي ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو، جنهن تحت پنجاب اسيمبلي اڳيان ڌرڻي هنيو ويندو. سنڌي هاري تحريڪ سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪندي. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جون هاري تنظيمون به ساڳئي ڏينهن بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪنديون. اجلاس ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ بچل مگسي جي اڳواڻي ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي وفد شرڪت ڪئي. پاڪستان ڪسان اتحاد جي صدر مهتاب ذوالفقار اعواڻ، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، بچل مگسي، حقوق خلق پارٽي جي اڳواڻ فاروق طارق، هاري ڪسان پارٽي جي اڳواڻ عابد علي بٽ، اوڪاڙا جي هاري اڳواڻ مخدوم خادم حسين حيدر، حقوق خلق پارٽي جي اڳواڻ لطيف انصاري، مزدور ڪسان پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ عرفان علي، تعمير نو وومين ورڪرس آرگنائيزيشن جي اڳواڻ رفعت مقصود، محمد اقبال، محمد حسين قريشي، رئوف لنڊ، مذمل ڪاڪڙ، ڪي آر سي جي اڳواڻ نازو، ڪي ڪي او جي اڳواڻ محمد ممتاز، اي ايم پي جي اڳواڻ نور نبي وڪيل، مير عبدالستار، هِرا ورڪرز يونين جي اڳواڻ عبدالرحمنٰ، گل زين خان، ارشد علي، طارق محمود ۽ ٻين اڳواڻن اجلاس کي خطاب ڪيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته هارين جو معاشي قتل عام بند ڪيو پيو وڃي. ٻج ۽ ڀاڻ جا اگهه چوٽ چاڙهيا ويا. ڀاڻ بليڪ تي مليو جنھن ڪري خرچن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. هلندڙ سال وڌندڙ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جو اگهه وڌيڪ ڏيڻ بدران تمام گهٽ مقرر ڪيو ويو آهي. سرڪار طرفان مقرر ڪيل اگهه جيڪو گهٽ آهي سو به نٿو ڏنو وڃي. واپارين رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي. چار هزار بدران هارين ۽ آبادگارن کان 2800 کان 3200 رپين ۾ ڪڻڪ خريد ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته پوري ملڪ جا هاري ۽ آبادگار الڳ الڳ سان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سموري ملڪ جا هاري گڏيل جدوجهد ڪن.