ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ 50 لک رپين جي ڦر تي پوليس متاثر شهري کي ئي گرفتار ڪري ورتو.
جوڙيا بازار ۾ بينڪ ٻاهريان نامعلوم موٽرسائيڪل سوار جوابدار شهري کان 50 لک رپين سان ڀريل ٿيلهو هٿيارن جي زور تي کسي فرار ٿي ويا، پوليس واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ بعد متاثر شهري کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ٻڌايو ته پيسا کڻي ويندڙ شهري حرڪتن مان شڪي نظر اچي رهيو آهي، شهري وٽ ايتري وڏي رقم هئي ۽ هو بينڪ ٻاهريان ڪنهن جو انتظار ڪندو رهيو، موٽرسائيڪل سوار اڪيلو جوابدار شهري کان بيگ کسي فرار ٿي ويو.
پوليس موجب شهري ڪلهي تي ٿيلهو رکي 50 لک رپين جي رقم کڻي بينڪ اڪيلو پهتو، جڏهن ته پويان موٽرسائيڪل سوار هٿياربند آيو جيڪو اڪيلو هو شهري تي پسٽل سڌو ڪري بيگ کسي ويو.
پوليس چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ نظر ايندڙ شهري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، فوٽيج ۾ آساني سان شهري مشڪوڪ حرڪتون ڪندي نظر اچي ٿو، محسوس ٿئي پيو شهري جوابدار کي پاڻ اشارا ڏئي سڏي رهيو آهي.
Next Post
You might also like