ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته غذائي کوٽ ڳڻتي جهڙو مسئلو آهي، هر قيمت ۾ غذائي کوٽ سان وڙهڻو پوندو.
ڪراچي ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتي ۽ عالمي بينڪ جي تعاون سان ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته غذائي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي شعبن سان ذڪر ٿيو، غذائي کوٽ ڳڻتي وارو مسئلو آهي.
وڏي وزير چيو ته آئوٽ پيشنٽ ٿراپيٽڪ پروگرام غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن لاءِ ٺاهيو ويو آهي، سنڌ حڪومت سماجي تحفظ لاءِ الڳ کاتو بڻائي رکيو آهي.
هن ٻڌايو ته غذائي کوٽ هڪ ڳڻتي وارو مسئلو آهي، جنهن سان اسان کي هر قيمت ۾ منهن ڏيڻو پوندو، 2022ع ۾ سنڌ جي عوام ٻوڏ سبب گهڻو متاثر ٿي.
You might also like