ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) اولهه بنگال جي علائقي ۾ آسمان تا هڪ پراسرار گولي جهڙي شئي عمارت سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ زمين ۾ گهڙي وئي آهي.
واقعو گذريل ڏينهن پيش آيو جنهن بعد پوليس به واقعي واري هنڌ پهتي.
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته اها شئي ڪنهن ڌات جيان هئي ۽ زمين ۾ گهڙي وئي آهي.
حادثي ۾ هڪ عمارت کي نقصان پهتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته زمين جي کوٽائي ڪئي ويندي ۽ اها شئي ڪڍي ويندي تنهن بعد خبر پوندي اها ڪهڙي شئي آهي.