ڪراچي (پ ر) سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران منعقد ڪيل راشن ۽ عيد گفٽ ڊرائيو جي پڄاڻيءَ واري تقريب ٿي، جنهن تحت يونيورسٽي جي مستحق شاگردن ۾ راشن بيگز ۽ عيد جا تحفا ورهايا ويا.
تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سول انجنيئرنگ اينڊ آرڪيٽيڪچر جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر مير شبر علي، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ابرار الحق، ڪمپيوٽر سائنس چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر وليج حيدر، سافٽ ويئر انجنيئرنگ چيئرمين ڊاڪٽر نسيم، ڪلينڪل نفسيات چيئرمين ڊاڪٽر سمبل مجيب، فزڪس ڊپارٽمينٽ چيئرمين فائز عباس، فيڪلٽي ميمبر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
ان موقعي تي ڳالهائيندي سر سيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انور چيو ته اها انساني فطرت آهي ته انسان نيڪ ڪمن ۾ حصو وٺي خوشي محسوس ڪندو آهي. سرسيد يونيورسٽي جي مستحق ماڻهن جي مدد لاءِ استادن ۽ شاگردن انتظاميا جي سهڪار سان رمضان جي بابرڪت مهيني ۾ جيڪا مهم هلائي آهي، اها ساراهه جوڳي آهي. مسڪينن جي مدد ڪرڻ ۽ همدردي اسلام جي بنيادي تعليم آهي، مستحقن جي مدد ڪرڻ سرندي وارن تي واجب آهي.
سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين رمضان ڊرائيو مهم کي ساراهيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۽ عيد جون خوشيون ورهائڻ سان الله تعاليٰ جي رضا ۽ دل کي اطمينان حاصل ٿئي ٿو. مون کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته هي ڪم منظم انداز ۾ ٿي رهيو آهي، ان نيڪ ڪم لاءِ سر سيد يونيورسٽي طرفان هر ممڪن مدد ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ڪنوينر انجنيئر محمد ارشد خان چيو ته انسانن سان محبت ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ کي هر مذهب ۾ پسنديدگي جي نظر سان ڏٺو ويو آهي پر اسلام انسانيت جي خدمت کي بهترين اخلاق ۽ عبادت قرار ڏنو آهي اهو هڪ سٺو قدم هو ۽ اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي.
ان موقعي تي رجسٽرار سيد سرفراز علي چيو ته انسانيت جي خدمت هڪ نيڪ عمل آهي، ضرورت جي وقت ۾ سندن مدد ڪرڻ الله جي نظر ۾ سڀ کان محبوب عمل آهي، هي ڪم هڪ منظم انداز ۾ ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ تقريب جي آرگنائيزر ياسر ذهين ٻڌايو ته هن ڀيري 24 لک رپيا گڏ ٿيا جڏهن ته سر سيد يونيورسٽي فزڪس ڊپارٽمينٽ سڀ کان وڌيڪ 4.5 لک رپيا عطيو ڏنو.