جيڪي پي ٽي آءِ جا سڀ کان وڏا مخالف آهن ڳالهيون انهن سان ئي ٿينديون: عمران خان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڳالهيون مخالفن سان ٿينديون آهن ته جيڪي هن وقت پاڪستان تحريڪِ انصاف جا سڀ کان وڏا مخالف آهن ڳالهيون انهن سان ٿينديون،
پي ٽي آءِ باني عمران خان اڊيالا جيل مان اهم پيغام ۾ چيو ته هو پنهنجا سمورا ڪيس ٻڌندڙ جنن کي درخواست ڪري ٿوته سندس ڪيسن کي بنا سبب دير جو شڪار بڻائڻ بدران جلد کان جلد انهن تي فيصلو ٻڌايو وڃي.
هن چيو ته دير سان فيصلو ڪرڻ به ناانصافي آهي سڀ ڄاڻن ٿا ته القادر ٽرسٽ ڪيس هجي، عدت ڪيس يا وري سائفر ڪيس اِهي سمورا ڪيس، ڪوڙا، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا آهن.
عمران خان چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسي بيان ڏنو ته مٿس دٻاءُ ناهي، دٻاءُ ان تي هوندو آهي جيڪو غلط ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪندو آهي، هو ته تحريڪِ انصاف خلاف ٽيم بڻيل آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اوهان پي ٽي آءِ کان بيٽ جو چونڊ نشان کسيو، تحريڪ انصاف کي ليول پليئنگ فيلڊ نه ڏني، نوَ مئي واقعن جي آڙ ۾ اسان جا بنيادي انساني حقن کي لتاڙيو ويو، جنهن تي اسان جي ٻڌڻي 25 مئي 2023ع کان التوا هيٺ آهي جيڪا اڃا تائين ٻڌڻي لاءِ مقرر ناهي ڪئي وئي.
هن چيو ته عام چونڊن ۾ سرعام ٿيندڙ ڌانڌلي خلاف داخل درخواستن تي اڄ تائين ٻڌڻي ناهي ٿي سگهي، پي ٽي آءِ جي عورتن جي مخصوص سيٽن واري معاملو به التوا جو شڪار رهيو.
پي ٽي آءِ باني چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن سبب نظريه ضرورت هڪ ڀيرو وري زنده ٿي چڪو آهي، هي تاريخي موقعو آهي عظيم قومون تاريخي موقعن مان فائدو حاصل ڪنديون آهن.
عمران خان چيو ته ڳالهين لاءِ سدائين تيار آهيان پر ڳالهه ٻول تڏهن ٿيندي جڏهن اسان جو چوري ٿيل مينڊيٽ واپس ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ قيد اسان جي بي ڏوهه ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڳالهيون مخالفن سان ٿينديون آهن ته جيڪي هن وقت پاڪستان تحريڪِ انصاف جا سڀ کان وڏا مخالف آهن ڳالهيون انهن سان ٿينديون، دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي به اِهڙو مثال نٿو ملي ته هڪ ڏوهه تي ٽي، ٽي ڪيس ٺاهيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.