ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايسوسي ايشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ اظهار جي آزادي لاءِ آئيني ۽ قانوني جدوجهد جاري رکي ڏکين حالتن سان مقابلو ڪيو وڃي.
صحافت جي آزادي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايسوسي ايشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز(ايمنڊ) پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ صحافي ۽ صحافتي ادارا ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، رياستي ۽ غير رياستي عنصرن طرفان ٽي وي پروگرامن کي روڪائڻ،نشريات بند ڪرائڻ صحافين جي برطرفي لاءِ غيرضروري دٻاءُ غيرقانوني مطالبن سميت ٻين ڪيترن ئي پابندين ۽ چيلينجز پيش آيا.
ايمنڊ موجب صحافي خاص طور تي عورت صحافين جي ڪردار ڪشي به هن مهم جو حصو آهي، جنهن ۾ سياسي پارٽين جا ڪارڪنن به شامل آهن.
ايمنڊ جو چوڻ هو ته صحافين کي ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن طرفان نوٽيسز،سوشل ميڊيا تي غيرقانوني پابندين ۽ اهم موقعن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بند ڪرائي ڪوريج روڪرائڻ جهڙا مسئلا پيش ايندا رهندا آهن.
صدر،وزيراعظم ۽ سمورن رياستي ادارن ۽ سياسي جماعتن لاءِ جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو ته صحافين ۽ صحافتي ادارن کي غيرقانوني دباءُ مان آزادي ڪيو وڃي
You might also like