صاحبا ڇوڪرين کي جلدي شادي ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي

سينئر پاڪستاني اداڪارا صاحبا معاشري ۾ ڇوڪرين کي شادي جي حوالي سان قيمتي صلاح ڏني آهي.
اداڪارا صاحبا تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ مڙس جان ريمبو سان گڏ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي نجي ۽ پروفيشنل زندگي بابت کلي ڳالهايو.
گفتگو دوران صاحبا کان سوال ڪيو ويو ته توهان والده سان واعدو ڪيو هو ته شوبز ۾ اچڻ کانپوءِ ڏهن سالن تائين شادي نه ڪنديس، پر پوءِ ڇهين سال ۾ شادي ڪري ڇڏي ان جو سبب ڇا هو؟
سوال جو جواب ڏيندي صاحبا چيو ته وقت ۽ ڄمار وڌڻ سان انسان جي سوچ بدلجي ويندي آهي، وڌيڪ اهو ته زندگي ۾ جڏهن به اوهان کي لڳي ته اهو ماڻهو ساٿي بڻائڻ لاءِ بهترين آهي ته ان سان شادي ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن توهان ان وقت ائين نٿا ڪيو ته توهان معاشري ۾ ڏسو ته اڄڪلهه ڪيتريون ئي ڇوڪريون پنهنجي ساٿي جي تلاش ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.