ڊائيلاگ لاءِ ڪو پيغام ناهي مليو نه ئي ڪنهن سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن: پي ٽي آءِ چيئرمين

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هنن وٽ ڊئيلاگ لاءِ ڪو پيغام ناهي آيو، ڪنهن ڪي به ڳالهيون ناهي ٿيون، جيڪڏهن ٿيون ته عمران خان ٻڌائيندو.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته جيڪي ماڻهو اسان جي منڊيٽ جا چور آهن، انهن کانسواءِ سڀني سان ڳالهيون ٿينديون، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ مان مخصوص سيٽن واري معاملي تي فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني درخواست ڪئي آهي ته سمورا ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن، ڪيس وڌيڪ التوا هيٺ نه رکيا وڃن، انصاف وقت تي نه ملڻ به ناانصافي آهي.
سندس چوڻ هو ته اٺ مئي تي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي آهي، اميد آهي ته مخصوص سيٽون قانون موجب ملنديون.
بئريسٽر گوهر چيو ته عام چونڊن تي پي ٽي آءِ طرفان وائيٽ پيپر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تي عمران خان اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ناهي چيو ته عدليا تي اعتماد ناهي، اسان عدليا کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، عمران خان جي درخواست آهي ته چونڊ نتيجن تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.