ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جي موسم ڪيئن هوندي؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گرمي پد وڌ کان وڌ 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڏکڻ اولهه کان 14 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهُهلي رهيون آهن ۽ هوا ۾ گهم جو تناسب 81 سيڪڙو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.