صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي خضدار ۾ ڌماڪو، پريس ڪلب جي صدر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

خضدار (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ قومي شاهراهه تي سلطان ابراهيم روڊ تي ٿيل ڌماڪي ۾ پريس ڪلب جو صدر محمد صديق مينگل سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا.
صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي تي بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي چمروڪ ۾ سلطان ابراهيم روڊ وٽ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر محمد صديق مينگل سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڏهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب، ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو، جنهن ۾ اڻڄاتل دهشتگردن گهر کان يونيورسٽي ويندي خضدار پريس ڪلب جي صدر جي گاڏيءَ کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ صديق مينگل ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو.
واقعي جي زخمي واٽهڙن کي اسپتال نيو ويو آهي، ڌماڪي جا اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي شاهديون گڏ ڪيون.
ذريعن موجب، محمد صديق مينگل کي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خط ۾ موتمار ڌمڪي ملي هئي، ان کانسواءِ ڪجهه مهينا اڳ مٿس فائرنگ جو واقعو پڻ پيش آيو هو، جنهن هو معجزاڻي طور بچي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.