شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد ۾ استادن جي اليڪشن

نوابشاهه (پ ر) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد ۾ ٿيندڙ اڪيڊمڪ اسٽاف سوسائٽي جي اليڪشن ۾ سال 2024-2025 لاءِ پروگريسو پائنيئر پينل جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿي ويا.

چونڊيل باڊي ۾ صدر ڊاڪٽر معراج نبي ڀٽي، نائب صدر ڊاڪٽر نرگس مري، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد عارف، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر ارمان خانزاده، فنانس سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد شفيق ۽ انفارميشن سيڪريٽري لا۽ پرويز علي خاصخيلي شامل آهن.

فپواسا سنڌ چيپٽر جي جنرل سيڪريٽري باقر علي زرداري ۽ نامياري استاد اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانہ ملاح پينل جي سمورن اميدوارن کي ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اليڪشن ڪميشن کي پرامن طريقي سان اليڪشن ڪرائڻ تي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.