اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري وارو معاملو، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ايڊووڪيٽ طارق منصور عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته آئين ۾ نائب وزيراعظم جو ڪو عهدو موجود ناهي، آئين جي آرٽيڪل 90، 91 ۽ 99 ۾ ڊپٽي وزيراعظم جي عهدي جي گنجائش ناهي، وفاقي حڪومت جي رولز آف بزنس 1973 ۾ به اهڙي ڪا گنجائش ناهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ طئي ڪيو ته ڪابينا رڳو وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن تي ٻڌل هوندي. سپريم ۽ ٻيا حڪم ناما پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.
تنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.