اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف )جو وفد پاڪستان پهچڻ ۽ نئين قرض پروگرام تي ڳالهين کان پهريان نوان مطالبا سامهون اچي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر طرفان پينشن نظام ۾ سڌارن لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب هڪ لک کان گهٽ پينشن وارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ۽ سڀني پينشنرز تي ڏهه سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز آهي.
ذريعن موجب وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف مشن جَي اچڻ کان پهريان بجيٽ حدف طئه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب حڪومت طرفان وزارتن کي حدف طئه ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت بجيٽ ٺاهڻ ۾ رڌل آهي……….
You might also like