اسلام آباد/هينان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي.
پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن پاڪستاني وقت موجب 2 لڳي 27 منٽن تي خلا ۾ موڪليو ويو آهي، چنڊ ڏانهن پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن ”آءِ ڪيوب قمر“ چين جي هينان اسپيس لانچ سائيٽ تان رونو ٿيو.
انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالوجي جي ڪور ڪميٽي جي رڪن ڊاڪٽر خرم خورشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جو سيٽلائيٽ مشن 3 کان 6 مهينن تائين چنڊ جي چوڌاري چڪر لڳائيندو.
هن چيو ته سيٽلائيٽ جي مدد سان چنڊ جي سطح جون مختلف تصويرون ڪڍيون وينديون.
هن چيو ته آءِ ڪيوب قمر کي چين ۽ سپارڪون پاران تيار ڪيو ويو آهي، پاڪستان وٽ چنڊ جي سيٽلائيٽ تصويرون تحقيق لاءِ موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته هي دنيا جو پهريون مشن آهي جيڪو چنڊ جي ٻئي پاسي کان نمونا حاصل ڪندو ۽ هي مشن53 ڏينهن تائين جاري رهندو.
هن وڌيڪ چيو ته مشن ۾ چنڊ جي چوڌاري چڪر لڳائڻ، ٽيڪ آف ۽ واپسي شامل آهي جڏهن ته هي ٻه ڪلو گرام تائين مادو کڻڻ جي ڪوشش ڪندو.
ٻئي ڇاسي جنرل مئنيجر آءِ ايس ٽي سيد ثمر عباس جو چوڻ آهي ته هي تاريخ ساز منظر آهن، پاڪستان جو جهنڊو چنڊ جي مدار تي پهچڻ وارو آهي.
واضح رهي ته 2022ع ۾ چين جي قومي خلائي ايجنسي ايشيا-پئسفڪ اسپيس ڪارپوريشن آرگنائيزيشن (ايپسڪو)ذريعي ميمبر ملڪن کي مفت ۾ چنڊ جي مدار تائين پهچڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪيو ويو هو.
ايپسڪو جي تجويز تي ميمبر ملڪن پنهنجون رٿائون موڪليون هيون، ايپسڪو جي ميمبر ملڪن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، چين، ايران، پيرو، ڏکڻ ڪوريا، ٿائيلينڊ ۽ ترڪي شامل آهن.
پاڪستان طرفان انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي پڻ تجويز ڪيل پروجيڪٽ پيش ڪيو، جڏهن ته 8 ملڪن مان رڳو پاڪستان جي منصوبي کي قبول ڪيو ويو.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف چنڊ تي پهرين پاڪستاني خلائي مشن موڪلڻ تي سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني آهي.
صدر آصف علي زرداري اسپارڪو ۽ چين جي قومي اسپيس انتظاميا کي به واڌايون ڏنيون آهن.
صدر جو چوڻ آهي ته آءِ ڪيوب قمر جي ڪامياب لانچنگ پاڪستان جي خلائي پروگرام لاءِ سنگِ ميل ثابت ٿيندي، پوري قوم کي اهم خلائي ڪاميابي تي فخر آهي.
صدر خلابازي واري شعبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي خلابازي جي شعبي ۾ ترقيءَ جو وڌيڪ منزلون طئي ڪرڻيون آهن.
هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف به سيٽلائيٽ مشن آءِ ڪيوب قمر جي چنڊ ڏانهن روانگي تي قوم ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد پيش ڪئي.
پنهنجي بيان ۾وزيراعظم چيو ته آءِ ڪيوب قمر خلا ۾ پاڪستان جو پهريون قدم آهي، جوهري ميدان جيان هن شعبي ۾ اسان جي سائنسدانن ۽ انجينيئرن پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيا آهن.
وزيراعظم چيو ته هو انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالوجي جي ڪور ڪميٽي ۽ اسپارڪو جي ٽيم کي تاريخي ڪارنامو انجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.
ان کانسواءِ وزيراعظم پاڪ-چين دوستي خوشبوءَ جي سرحد کان اڳتي اڄ خلائن جي سرحد به اورانگهي چڪي آهي، اهم ڪاميابي تي پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويندو.
وزيراعظم چيو ته هي ڪاميابي سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن واري شعبي ۾ پاڪستان جي صلاحيتن کي وڌائيندي، الله تعاليٰ چاهيو ته 28 مئي 1998ع جيان خلائن ۽ معاشي بلندين تي به پهچنداسين.