۽ جڏهن عبدالواحد آريسر ”سنڌ“ بڻجي ويو

تحرير: ذلفي چاچڙ

ھام ھڻندڙ نه ته زميني حقيقتون سمجھي سگھندا آھن ۽ نه ئي ڪامياب سياسي اڳواڻ بڻجندا آھن، نڪو وري ان قسم جي صلاحيت ھر ڪنھن ۾ موجود ھجي ٿي، سياست ۾ حال يا مستقبل ۾ ڪي اجتماعي فائدا يا بھتر نتيجا حاصل ڪرڻ خاطر عارضي نقصان پڻ برداشت ڪرڻا پوندا آھن، ڇو ته ڪجھه نقصان به فائديمند ھوندا آھن، ڪن فائدن جو نتيجو نقصان جي صورت ۾ سامھون ايندو آھي ۽ ڪي نقصان نسلن لاءِ نعمت بڻجي پوندا آھن، پنھنجي ذاتي انائن کي قربان ڪرڻ سان گڏ ساٿين جي غم ۽ غصي، رنجش جو شڪار ۽ عام ماڻھن جي تنقيد جو نشانو پڻ بڻجڻو پوندو آھي.

ان سلسلي ۾ سائين عبدالواحد آريسر به پنھنجي زندگي ۾ گھڻو ڪجھه ڀوڳيو جنھن دوستن جون بي وفايون ۽ سندن غير سياسي رويابرداشت ڪيا، جيڪو سنڌ ۾ لساني فساد قومي تحريڪ لاءِ اگھاڙي ترار ۽ آپگھات جيان سمجھندو ھو، ۽ سدائين اھو چوندو رھندو ھو ته اسين مھاجرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي نٿا سگھون، ھو پارٽي پاليسي ۽ سياسي حڪمت عملي تحت ئي مھاجرن سان نرم گوشو رکندو ھو، سندس خيال هوندو هو ته جيستائين سنڌ ۾ رھندڙ مھاجرن کي اھو احساس نٿو ٿئي ته کين سنڌين خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي،  تيستائين اسان کي ساڻن سينو سھڻ بدران ھميشه ڍر، دورانديشي ۽ ذميوارانه پاليسي اختيار ڪرڻ گھرجي.

سياسي حڪمت عمليون توڙي پاليسيون ڪامياب به ٿينديون آھن ته ناڪام به، وڏيون ڳالھيون ننڍڙا ذھن ڪڏھن به قبول ڪري ناھن سگھندا، مھاجرن متعلق نرم گوشو رکڻ سبب ڪيترائي سندس پارٽي جا ماڻھو کيس بزدل چئي سياسي رستا الڳ ڪري ويا، آريسر جھڙي ارڏي شخص جنھن سڄي حياتي ۾ ڪڏھن به ڪنھن کان نه ته ڪو خوف کاڌو ۽ نه ئي وطن جي عشق عيوض ڪنھن عياشي کي قبول ڪيو، کي بزدل سڏڻ پيءَ کي پٽ چوڻ جيان ئي آھي، اھي جذباتي ماڻھو جن سنڌ کي غير سنڌين کان پاڪ ڪرڻ ۾ عبدالواحد کي ئي واحد ۽ وڏي رڪاوٽ ٿي سمجھيو تن سياسي راھون جدا ڪري وڃڻ کان پوءِ ڪھڙا ۽ ڪيترا تير ھنيا ؟ انھن قومي تحريڪ ۾ ڪھڙو تاريخي يا روايتي ڪردار ادا ڪيو سو ڪنھن کان به لڪيل ڍڪيل ناھي، سندن مثال ان پکي جھڙو آهي، جيڪو سمنڊ جي وچ ۾ بحري جھاز مان اڏامي ٿو، چوڌاري پاڻي  ھجڻ سبب کيس ڪٿي به ويھڻ جي جاءِ نٿي لڀي ۽ اڏامي اڏامي نيٺ ٿڪجي پوي ٿو ۽ آخرڪار اتي ئي اچي ويھي ٿو جتان اڳ اڏاڻو ھو۔.

سنڌ ۾ ڪيترائي اھڙا ماڻھو آھن جن قوم پرست سياست مان ئي پنھنجي سياسي ڪيئرير جي شروعات ڪئي ۽ سياسي قد ڪاٺ وڌي وڃڻ کان پوءِ وڪامجي ويا، سنڌ ۽ قوم کي خوشحال ڏسڻ جي ڳالھه ڪندڙن لاءِ سنڌ فقط سندن گھر ۽ قوم ڄڻ ته گھر  جا ڀاتي ثابت ٿيا جن جي خوشحالي بعد سي يا ته سياست کان ڪنارو ڪري ويا يا وري آسان ۽ آمدني وارو دڳ ورتو، پر عبدالواحد آريسر قومپرست سياست جو اھو  ايماندار ۽ اڻ ٿڪ اڳواڻ ھو، جيڪو ھر صورت ۾ مقصد سان مخلص رھيو ۽ مقدس مقصد جي حاصلات لاءِ پنھنجي سڄي زندگي صرف ڪري ڇڏي، جنھن کي غربت تنگدستي مسئلا مجبوريون ڪڏھن به منجھائي مجبور ۽ مايوس ڪري سياست کان پري نه ڪري سگھيون، آريسر جنھن نه رڳو سياسي ميدان ملھايو پر ھن تقريبن 35 کن ڪتاب ۽ سوين مضمون لکي سنڌي ادب جي مثالي خدمت پڻ ڪئي، سندس سياسي ادب پڙھڻ وٽان ۽ نوجوانن لاءِ اتساه جو سبب بڻيل آھي, نثر لکڻ جو نرالو انداز جنھن ۾ غضب جي رواني، شاعراڻو مزاج ۽ مزو موجود ھجي ٿو، وڻندڙ ۽ شاندار تشبيھون ۽ استعارن جو خوبصورت استعمال، پڙھندڙن کي لکڻي جي سحر ۾ لھي گم ٿي وڃڻ تي مجبور ڪندو آھي.

سدائين تڪي توري ڳالھائيندڙ آريسر کان آخري ايامن ۾ جڏھن اھو پڇيو ويو ته اوھان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اوھان کي ڪٿي دفن ڪجي؟ ته ھن ڪنھن جي پيرن ۾ پورجڻ جي وصيت ڪرڻ يا ڪنھن مخصوص ھنڌ جو نالو وٺڻ بدران چيائين سنڌ سموري ڪعبو آھي، ان جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ دفن ڪيو وڃي، پر اڪيلائپ ۾ دوستن کي اھو چوندو ھو ته مون کي اتي پورجو جتي اِندو (اندران سندس نياڻي) کي اچڻ ۾ آساني ٿئي، علالت دوران ٻئي موقعي تي چيائين ته ھينئر آئون عبدالواحد آھيان مرڻ کان پوءِ مٽي سان ملي سنڌ ٿي ويندس،  اھا سنڌ جنھن کي ڪوبه ھلاڪو ۽ ھٽلر فنا ڪري نٿو سگھي. انھن ڳالھين مان سندس سنڌ سان والھانه محبت ۽ عقيدت جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.

جڏھن مون کي خبر پئي ته آريسر صاحب کي راجپوتانه اسپتال حيدرآباد مان لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي ته پھرين مئي تي آئون ۽ منھنجا ٻه دوست ساگر سھندڙو ۽ سارنگ ساگر منگي گڏجي سندس طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ  وياسين،  جيئن ئي ڪمري جو دروازو کليو ۽ اسان اندر داخل ٿياسين ته اسان نوجوانن کي ڏسي سندس ڪوماڻيل چھرو ٽڙي پيو ۽ مرڪي ڏنائين، ھوئنن ته ان کان اڳ منھنجون ساڻس ڪيئي ملاقاتون ٿيل ھيون فقط اھو اندازو ڪرڻ لاءِ مون پنھنجو تعارف ڪرايو ته سائين بيماري ۾ سياڻپ جي سگھه رکي ٿو يا نه؟ مون پنھنجو نالو ٻڌائيندي کيس چيو سائين ڪشمور شھر کان آيو آھيان ته ھڪدم ڪشمور جي سياسي دوستن جا نالا کڻن شروع ڪيائين، ايئن شڪارپور جي دوست کان شڪارپور ۽ نصيرآباد واري کان نصيرآباد جي دوستن جا باقاعده نالا کڻي انھن جي خير خيريت معلوم ڪندو رھيو، سندس سيراندي کان چار ڪتاب رکيل ھا، جنھن لاءِ ٻڌايو ويو ته اِنھن مان ٻه ڪتاب ھڪ رات ۾ ئي پڙھي پورا ڪيائين ايترو مطالعو ڪو صحتمند شخص به مشڪل سان ڪندو ھوندو، موت جي بستري تي ھوندي به سنگت کي سارڻ وارو فقط آريسر ئي ٿي سگھي ٿو،  اسان کي ڪجھه ڪتابن جا نالا ٻڌائيندي چيائين ته اِھي ڪتاب وٺي ڏئي ويندا، اسان ھڪ ڏينھن ڇڏي ٻئي ڏھاڙي يعني 3 مئي تي کيس گھربل ڪتاب کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر ان ڏينھن ساجھر کان ئي دوستن جا ميسيج اچڻ لڳا، جنھن ۾ آريسر صاحب جي وڇڙي وڃڻ جي افسوس ناڪ خبر ھئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.