ڪراچي (پ ر) اي ايف يو لائيف، پاڪستان ۾ بيما حيات ۽ فيملي تڪافل فراهم ڪندڙ نجي سيڪٽر ڪمپني، اي ايف يو هيلٿ (ملڪ جي هيلٿ انشورنس سان واڳيل خاص مهارت رکندڙ ڪمپني) جي سئو سيڪڙو حاصلات ۽ ان جي نتيجي ۾ اي ايف يو هيلٿ جي اي ايف يو لائيف ۾ مڪمل طور تي ضم ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هن انضمام جي اسڪيم کي تازو ٻنهي بورڊز طرفان منظور ڪيو ويو هو. حڪمت عملي جو اهو قدم اي ايف يو لائيف جي وچن ۾ هڪ ماحولي نظام تحت مضبوط زندگي، صحت ۽ تڪافل حل پيش ڪري، پنهنجي واهپيدارن جي مجموعي مالي ۽ ذاتي صحت جي گهرجن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ اهم اڳڀرائي جي نشاندهي ڪري ٿو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم ڊي ۽ سي اي او اي ايف يو لائيف محمد علي احمد وضاحت ڪندي چيو ته اي ايف يو هيلٿ حاصل ڪرڻ سان اي ايف يو لائيف ۾ صحت جي مڪمل ڪاروبار جي انضمام سان اسان پاڪستان ۾ صحت جي سار سنڀال جي تحفظ جي معيارن کي هٿي ڏيڻ جو رٿيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته بنيادي صحت جي سار سنڀال تائين رسائي هڪ بنيادي حق آهي ۽ پاڪستان ۾ صحت جي انشورنس جي ترقي جا امڪان وسيع آهن جيڪي ڪارپوريٽ ۽ ريٽيل ٻنهي سطحن تي اڻ ڳڻيا موقعا فراهم ڪن ٿا. اڳوڻا اي ايف يو هيلٿ انشورنس لميٽڊ جا واهپيدار جيڪي هاڻي اي ايف يو لائيف جي دائري ۾ اچن ٿا، صحت جي انشورنس حلن جي هڪ وسيع رينج ۽ ٽيڪنولاجي ذريعي بهتر خدمت جو تجربو ڪندا. جنهن کي 217 بلين جا اثاثا رکندڙ اي ايف يو لائيف جي مضبوط مالي حيثيت جي سرپرستي حاصل آهي.