ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب دڪي ۾ ٺيڪيدار ندي ۾ بارودي سنگهه جا ٻه ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 20 زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته پهريون ڌماڪو بارودي سرنگهه سان ڪوئلي جي ٽرڪ ٽڪرائجڻ سان ٿيو ۽ ٻيو ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن ماڻهو اتي گڏ هئا.
پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.
You might also like