حڪومت جو ڊجيٽل حقن جي تحفظ لاءِ قانون سازي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ڊجيٽل حقن جي تحفظ لاءِ قانون سازي جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ ملاقات ڪئي، وزيراعظم ٻنهي وفاقي وزيرن سان ڊجيٽل حقن جي تحفظ جو بل آڻڻ بابت مشاورت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل حقن جي تحفظ بابت قانون سازي لاءِ مسودو تيار ڪيو ويو آهي، بل جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.
حڪومتي ذريعن موجب ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ڊجيٽل رائٽس جي ڀڃڪڙي روڪڻ لاءِ موزون فورم ناهي، تنهن ڪري حڪومت ڊجيٽل حقن جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ ذريعي قانون سازي جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.