احسان الله انجري مامرو، ڊائريڪٽر پي سي بي ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس سائنسز جي استعيفيٰ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فاسٽ بالر احسان الله جي انجري واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس سائنسز ڊاڪٽر سهيل سليم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، ڊاڪٽر سهيل سليم پنهنجي استعيفيٰ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي موڪلي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي سي بي چيئرمين رانديگرن جي انجريز واري معاملي تي جاچ ڪميٽي قائم ڪئي هئي.
ذريعن موجب، پي سي بي ميڊيڪل پئنل تي احسان الله جي انجريءَ کي غير ذميواراڻي طريقي سان هينڊل ڪرڻ جو الزام آهي.
رانديگرن جي انجريز بابت اڄ پي سي بي چيئرمين کي ميڊيڪل بورڊ جون رپورٽون مليون هيون.
ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ پي سي بي چيئرمين جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل ڪميٽي وٽان سموريون رپورٽون ملي ويون آهن.
محسن نقوي جو چوڻ آهي ته احسان الله، ارشد اقبال، ذيشان ضمير ۽ شوال ذولفقار جون رپورٽون مليون آهن، مڪمل جائزو وٺڻ کانپوءِ رپورٽون جو منظرعام تي آنديون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.