لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مينز ٽيم کانپوءِ هاڻ وومينز ٽيم کي به فٽنس بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پاڪستان وومين ٽيم جي فٽنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ رانديگرن کي جولاءِ ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول موڪليو ويندو.
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جڏهن پاڪستان وومين ڪرڪيٽرز کي فٽنس بهتري لاءِ ڪاڪول جي انسٽريڪٽرز ڏانهن اُماڻيو پيووڇي، هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ ڪئمپ ۾ هڪ وقت ۾ 15،15 عورت ڪرڪيٽرز شريڪ ٿينديون.
پي سي بي وومين ونگ جي سربراهه تانيا ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اِهو شدت سان محسوس ڪيو ويو آهي ته عورت ڪرڪيٽرز جي فٽنس تي ڪم ضروري آهي.
هن چيو ته عورت ڪرڪيٽرز جي فٽنس سڌارڻ لاءِ هر ريجنل اڪيڊمي ۾ اسڪلز اينڊ ڪنڊيشنگ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ڪوچ جي مقرري پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي مشاورت سان ڪئي ويندي، محسن نقوي وومين ٽيم جي ڪارڪردگي سڌارڻ لاءِ خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي.
پاڪستان وومين ٽيم اڄلڪلهه ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ رڌل آهي، سيريز ختم ٿيندي ئي ٽيم انگلينڊ جي دوري تي روانو ٿيندي ، جنهن کانپوءِ رانديگرن ۽ ڪوچز جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو.
You might also like