سنڌ مدرست السلام يونيورسٽي ۾ هينڊ بال راند بابت افتتاحي تقريب

ڪراچي (پ ر) هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان (ايڇ اي سي) جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختيار احمد چيو آهي ته يورپي ملڪ، آمريڪا ۽ ٻيا ترقي يافته علائقا پنهنجي وڏي عمر جي ماڻهن واري وڌيڪ آبادي سبب ڪافي پريشان آهن ته هو مستقبل ۾ پنهنجا ملڪ ڪيئن هلائيندا، پر پاڪستان ۾ نوجوانن جي آبادي 65 سيڪڙو آهي، جيڪا هڪ نعمت آهي، تنهنڪري انهن کي تعليم ۽ راندين ذريعي صحيح رخ ڏنو وڃي ته جيئن هو صحتمند ذهن سان ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.

اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي سر شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ وزيراعظم ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ هينڊ بال (مين) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

چيئرمين ايڇ اي سي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 262 يونيورسٽيون آهن، تنهن ڪري اهي سڀئي يونيورسٽيون پنهنجي شاگردن جي راندين جا مقابلا باقاعدگي سان ڪرائين. هن چيو ته اسان جي دور ۾ لڳ ڀڳ سڀني يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ راندين جا ميدان هوندا هئا پر هاڻي اهي نه رهيا آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ننڍين عمارتن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي پنهنجي شاگردن کي راندين جون باقاعده سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. چيئرمين ايڇ اي سي وڌيڪ چيو ته اسان بهترين سائنسدان، انجنيئر، آئي ٽي ماهر، محقق، اقتصاديات ۽ تعليمي ماهرن کان علاوه سٺا رانديگر پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن اهي وڏي سطح تي قوم جي خدمت ۽ نمائندگي ڪري سگهن.

ڊاڪٽر مختيار احمد چيو ته پاڪستان ۾ سٺا انجنيئر، سٺا ڊاڪٽر ۽ ٻيا پروفيشنل آهن پر اسان وٽ سٺن انسانن جي کوٽ آهي، جيڪو اسان جي جنريشن جو قصور آهي. نتيجي ۾ اسان جو نوجوان نسل سوشل ميڊيا ذريعي هائجيڪ ٿيل آهي، هاڻي اسان کي انهن کي راندين جا موقعا ڏين سان گڏ سٺي تعليم ذريعي سندن رهنمائي ڪرڻي آهي. هن چيو ته ايڇ اي سي پاڪستان راندين لاءِ پنهنجا وڏا وسيلا رکيا، جنهن ڪري هاڻي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا شاگرد به ان ۾ حصو وٺندا.

هن چيو ته ايڇ اي سي رانديون منعقد ڪرائڻ جي لاءِ يونيورسٽين جي مدد ڪندي ڇو ته اسان اولمپڪ ۽ ٻين عالمي راندين ۾ پنهنجن رانديگرن کي ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته رانديگر ٻين کان بهتر ملڪ جا سفير آهن، ان ڪري کين عالمي سطح تي کيڏڻ لاءِ اسان جي سهڪار جي ضرورت آهي. چيئرمين چيو ته مون تازو ئي روس، جرمني، آسٽريليا، ڪيوبا ۽ ٻين ملڪن جي لاڳاپيل اختيارين سان راندين ۾ سهڪار بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ انهن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته اسان انهن کي پنهنجون ٽيمون موڪلينداسين.

ڊاڪٽر مختار احمد چيو ته جيتوڻيڪ ملڪ جون معاشي حالتون بهتر نه آهن پر اسان ملڪ کي تڏهن ئي ترقي ڏياري سگهون ٿا، جڏهن اسان متحد قوم بڻجي ڪم ڪريون ۽ ذات پات ۽ فرقي جي فرقن مان نڪرنداسين. ايڇ اي سي چيئرمين چيو ته رانديون اسان کي برداشت ۽ هاڪاري جذبو سيکارين ٿيون ته شڪست قبول ڪري ٻيهر ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪريون، ان سوچ کي پنهنجي سماج ۾ به لاڳو ڪري سگهون ٿا.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي کي ايس ايم يو آءِ جي وائيس چانسلر جو ٻيو مدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي ڊاڪٽر مختار احمد چيو ته مون سوچيو هئو ته ڊاڪٽر صحرائي جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ اسان سندس خدمتون اسلام آباد ۾ حاصل ڪنداسين پر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران کيس ٻيو مدو ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري اهو فيصلو به سنڌ مدرسه يونيوررسٽي جي مفادن وٽان آهي، ڇاڪاڻ جو هي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مادر علمي آهي، ۽ ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي پهرين دور ۾ به هن يونيورسٽي جي ترقيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته اڳتي به ان کان وڌيڪ ڪندو. ڊاڪٽر مختيار احمد، ڊاڪٽر پرائم منسٽر ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ جي افتتاحي تقريب جي ڪاميابيءَ سان ميزباني ڪرڻ تي ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.

ان کان اڳ ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي خطاب ۾ چيئرمين ايڇ اي سي ڊاڪٽر مختيار احمد جو هن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي ٿورو مڃيو. ڊاڪٽر صحرائيءَ اعليٰ تعليم ۽ راندين جي واڌاري ۾ ايڇ اي سي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ايڇ اي سي ملڪ ۾ راندين جي واڌاري لاءِ بهترين قدم کنيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي 5 ڊويزنن؛ ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ ڄاڻايل پروگرام تحت ٿيل ميچن ۾ 1500 رانديگرن حصو ورتو، جن مان 60 رانديگرن کي فائنل ميچن لاءِ چونڊيو ويو آهي، جيڪي 6 مئي تائين ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون.

ڊاڪٽر صحرائي چيو ته ايڇ اي سي پاڪستان کي علائقائي راندين جي پڻ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، جيڪي اسان جي ثقافت جو حصو آهن. هن چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ ايس ايم آءِ يو جي شاگردن جو انگ 1800 مان وڌي 5500 ٿي ويو آهي جڏهن ته يونيورسٽي پنهنجي آمدنيءَ جا ذريعا واڌايا ۽ خرچ گهٽ ڪيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان دوران آئي ٽي ٽاور، ملا ريسرچ ليب، علامه آءِ آئي قاضي لائبريري ۽ يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر صحرائي

چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سهڪار سان سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول کي 90 ملين رپين جي الڳ بجيٽ ملي آهي، جڏهن ته فيڪلٽي کي 39 ملين رپين جا پراجيڪٽس مليا آهن. هن صوبي ۾ اعليٰ تعليم ۽ راندين جي واڌاري لاءِ چيئرمين ايڇ اي سي پاڪستان ڊاڪٽر مختيار احمد، چيئرمين ايڇ اي سي سنڌ ڊاڪٽر طارق رفيع ۽ ڊائريڪٽر ايڇ اي سي پاڪستان سنڌ جاويد علي ميمڻ جي ڪردار کي ساراهيو.

چيئرمين سنڌ ايڇ اي سي ڊاڪٽر طارق رفيع پنهنجي خطاب ۾ چيو ته يونيورسٽين کي ايڇ اي سي کان راندين لاءِ الڳ بجيٽ ملڻ گهرجي ته جيئن اهي راندين جا مقابلا باقاعدگي سان منعقد ڪري سگهن. هن چيو ته رانديگر عالمي سطح تي ملڪ جو سافٽ اميج پيش ڪري سگهن ٿا، ان ڪري کين سپورٽ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايڇ اي سي پاڪستان ۽ سنڌ ايڇ اي سي ملڪ ۾ راندين جي واڌاري لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ محمد نعيم احمد آيل مهمانن کي ڀليڪار چيو. تقريب جي ڪارروائي مشهور اينڪر يحيٰ حسيني هلائي.

آخر ۾ آيل مهمانن ڊاڪٽر کي شيلڊس ڏنيون ۽ اجرڪ ۽ ٽوپيون پارايون ويون. تقريب ۾ ڊائريڪٽر ايڇ اي سي پاڪستان جاويد علي ميمڻ، صوبي جي 5 ڊويزنن جي راندين جي ٽيمن جي رانديگرن، انهن جي اسپورٽس ڊائريڪٽرن، ايڇ اي سي جي آفيسرن، فيڪلٽي، مختلف شعبن جي سربراهن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

آخر ۾ ڊاڪٽر مختيار احمد، ڊاڪٽر طارق رفيع، ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ جاويد علي ميمڻ ربن کٽي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي مکيه عمارت جي انر ڪورٽ يارڊ ۾ وزيراعظم ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ هينڊ بال جو افتتاح ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.