رياض/ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) ابوظهبي ۽ سعودي عرب جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ شهري توڻي وارياسا علائقا به پاڻي هيٺ اچي ويا.
سعودي عرب ۾ رياض، الخرج، القصيم، بريدا، دمام، الخبر، الاحسا ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برساتون پيون جنهن جي نتيجي ۾ شهرن جي اهم رستن ۽ انڊر پاسز ۾ گاڏيون وهڪرن ۾ لڙهي ويون.
تيز طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ پاڻي ڪاروباري مرڪزن ۾ داخل ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي اڏامون معطل ڪرڻيون پيون.
ٻن ڏينهن تائين موسم غيريقيني واري رهڻ جو امڪان آهي جنهن لاءِ عوام کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
You might also like